مواد ڏانھن هلو

مُک صفحو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وڪيپيڊيا تي ڀليڪار
سنڌي ۾ 18,258 مضمون آهن.

چونڊ مضمون

سنڌي ادب جي شروعات شاعريءَ جي صورت ۾ سومرن جي دور کان ٿي. موجوده سنڌي لپي جي شروعات انگريز دور ۾ ٿي، ان کان اڳ سنڌي ادب کي مختلف لپين ديوناگري، خواجڪي، برهمڻي، لوهاڻڪي، گرمکي، خداآبادي ۽ ٻين لپين ۾ لکيو ويندو هو. عرب حملي کان اڳ سنڌ ۾ گيت ڳائڻ جو راوج قائم هو، سنڌي شاعرن جو ذڪر عرب دور ۾ به ملي ٿو، پر اها عربي ٻولي ۾ لکي ويندڙ شاعري هئي. سنڌي ادب ۾ نثري صنفن ڪهاڻي، مضمون، ناٽڪ ۽ ناول جي شروعات انگريز دور ۾ موجوده رسم الخط جُڙڻ سان ٿي. ڪيترائي محقق موهن جي دڙي واري دور کي سنڌي ادب جي شروعات ڪوٺين ٿا، سندس خيال مطابق، سنڌي ادب متعلق ان دور جي ڪا تاريخ موجود ناهي، پر ويدن ۾ سنڌو ماٿري جي شاعري ۽ رقص جي واکاڻ سنڌي ادب جي قديم هجڻ جو ثبوت آهي.

خبرن ۾

يحيٰ سنور
يحيٰ سنور


ڇا توھان ڄاڻو ٿا؟

2008ع تي ويلو ناچيار جي تصوير انڊيا جي ٽپال ٽڪلي تي جاري ڪئي ويئي.
2008ع تي ويلو ناچيار جي تصوير انڊيا جي ٽپال ٽڪلي تي جاري ڪئي ويئي.
  • ... تہ ڪرھو اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جو لوڪ گيت آهي جنھن کي اوٺي سفر دؤران ڏاڍي درديلي نموني ڳائيندا آهن.
  • ... تہ دور جاھليت ۾ اھل عرب لات جي پوڄا ڪندا ھئا، جيڪو ھن وقت سعودي عرب جي شھر طائف ۾ رکيل آھي.
  • ... تہ سکر ۾ 1895ع ۽ 1915ع ۾ طاعون جي وبا پکيڙي جنھن سبب ھزارين ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا.
  • ... تہ ويلو ناچيار کي تامل ماڻھو سورهيه عورت جي لقب سان ياد ڪن ٿا، ھي پھرين راڻي ھئي جنھن برطانوي راڄ خلاف مزاحمت ڪئي.
  • ... تہ تاريخ معصومي مير محمد معصوم بکريءَ جو فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب آهي، جنھن کي سنڌ بابت لکيل فارسي تاريخن مان هڪ آڳاٽو ۽ جهونو ڪتاب تصور ڪيو ويندو آهي.

اڄ جو قول

وڪيپيڊيا:اڄ جو قول/آڪٽوبر 20

اڄ جو لفظ

1

ڇمڪڻي
پَسارڪي وکر جو هڪ قسم
امَلتاس جي هڪ ڦَرِي، جيڪا ڇِمڪَڻ جو آواز ڪندي آهي.


ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 18,258 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


يا
نئون مضمون لکڻ جي لاءِ آرٽيڪل وزرڊ آزمايو

بھترين مضمون

ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد سنڌ جي مشهور سياستدان جي ايم سيد جي ڌيءَ هئي. دُرِ شهوار پهرين سنڌياڻي هئي، جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري تي يونيورسٽي آف ايڊنبرا مان پي ايڇ ڊي ڪئي. هن پي ايڇ ڊي مشهور جرمن اسڪالر ائينيمري شمل جي نگراني هيٺ مڪمل ڪئي. درشهوار سيد 21 مارچ 1940ع تي ڳوٺ سن، دادو ۾ جنم ورتو. درشهوار سيد هڪ اديب ۽ محقق هجڻ سان گڏ، سماجي ڪارڪن پڻ هئي. درشهوار سيد لطيف چيئر جي سربراهه هجڻ وقت شاهه جي رسالي جا عربي، اردو، فارسي، ۽ انگريزي ترجما پڻ شايع ڪرايا. سيد حسام الدين راشدي جي صلاح تي هن کي فارسي سکڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخل ڪيو ويو. سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا جي سندس ڀائرن مخالفت ڪئي، پر والد کيس پڙهڻ جي اجازت ڏني.

اڄ جو ڏينھن

آچر 20 آڪٽوبر 2024ع مطابق 15 ربيع الثاني 1446ھ


لياقت علي خان ۽ هيري ٽريومين ملاقات ڪندي
لياقت علي خان ۽ هيري ٽريومين ملاقات ڪندي

زين العابدين (و. 713ع) · مير احمد يار خان (و. 1977ع)  · اختر حسين جدون (پ. 1970ع)

وڌيڪ چونڊ ڏينهن:

وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!

وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني انسائيڪلوپيڊيا آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 18,258 مضمون موجود آهن.
وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريو مدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ: ، ، ، ۽ ۾ گڏجو.
(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)