ايڊورڊ سعيد
ايڊورڊ سعيد (Edward Said)، يروشلم جي هڪ خوشحال عيسائي گهراڻي ۾ پهرين نومبر، 1935ع تي جنم ورتو. ان وقت فلسطين برطانيا جي راڄ هيٺ هو. هي ابتدا ۾ يروشلم ۽ قاهره ۾ رهيو ۽ پوءِ ننڍي عمر ۾ ئي وڃي آمريڪا ۾ رهيو ۽ اتي تعليم وٺڻ لڳو، هن گريجوئيشن ۽ ماسٽرس پرسٽن يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري هارورڊ يونيورسٽيءَ مان ورتي، جنهن دوران هن فن، ادب ۽ موسيقي سان دلچسپي رکڻ سان گڏ فلسطيني سياست ۽ جدوجهد ۾ عملي قدم وڌايو. هن پنهنجي آتم ڪهاڻي، "پليس آئوٽ آف" (Place out of) سميت ويهن کان وڌيڪ ڪتاب لکيا، جن ۾ فلسطين جي تاريخ، موسيقي کان وٺي وچ اوڀر ۽ فلسطين جي آزاديءَ لاءِ ٿيندڙ جدوجهد جهڙا موضوع شامل هئا، پر جنهن ڪتاب کيس سڀ کان وڌيڪ شهرت ڏني، اهو سال 1978ع ۾ شايع ٿيندڙ، "اورينٽلزم" (Orientalism) (مشترقيت) هو. هيءُ ڪتاب نيشنل بڪ ايوارڊ لاءِ به نامزد ٿيو.
ايڊورڊ سعيد | |
---|---|
(انگريزي ۾: Edward Wadie Said) | |
معلومات شخصيت | |
ڄم | 1 نومبر 1935 [1][2][3][4][5][6][7][8] بيت المقدس [9] |
موت | 25 سيپٽمبر 2003 (68 سال)[10][2][11] نيو يارڪ شهر [12] |
شھريت | آمريڪا |
عملي زندگي | |
پيشو | ليکڪ ،صحافي ،فلسفي |
ڪم جي ٻولي | عربي ٻولي [13]،انگريزي ٻولي [13] |
مؤثر | سارتر |
ويب سائٽ | |
IMDB تي صفحو | |
ترميم |
ايڊورڊ سعيد (انگريزي ٻولي: Edward Said)، يروشلم جي هڪ خوشحال عيسائي گهراڻي ۾ پهرين نومبر 1935ع تي جنم ورتو. ان وقت فلسطين برطانيا جي راڄ هيٺ هو. هي ابتدا ۾ يروشلم، قاهره ۾ رهيو ۽ پوءِ ننڍي عمر ۾ ئي وڃي آمريڪا ۾ رهيو ۽ اتي تعليم وٺڻ لڳو، هن گريجوئيشن ۽ ماسٽرس پرسٽن يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري هارورڊ يونيورسٽيءَ مان ورتي، جنهن دوران هن آرٽ، ادب ۽ ميوزڪ سان دلچسپي رکڻ سان گڏ فلسطيني سياست ۽ جدوجهد ۾ عملي قدم وڌايو. هن پنهنجي آتم ڪهاڻي- (Place out of) سميت ويهن کان وڌيڪ ڪتاب لکيا، جن ۾ فلسطين جي تاريخ، موسيقي کان وٺي وچ اوڀر ۽ فلسطين جي آزاديءَ لاءِ ٿيندڙ جدوجهد جهڙا موضوع شامل هئا، پر جنهن ڪتاب کيس سڀ کان وڌيڪ شهرت ڏني، اهو 1978ع ۾ شايع ٿيندڙ Orientatism، (مشترقيت) هو، هيءُ ڪتاب نيشنل بوڪ اوارڊ لاءِ به نامزد ٿيو، ان کانسواءِ سندس ٻين اهم ڪتابن ۾ هيٺيان اهم آهن:
- Culture and Representation of Imperialism
- The End of the Peace Process
- Power, Policitics and Culture Out if Place
سندس ڪتاب دنيا جي 24 ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪا آهن.ايڊورڊ سعيد ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي ادب جو پروفيسر هو. کيس فڪري محاذ تي فلسطيني ڪيس جو سگهارو نمائندو ڄاتو وڃي ٿو. فلسطين جي آزاديءَ بابت قومي ڪائونسل جو نمائندو به رهيو آهي، پر جيئن ئي ياسر عرفات اوسلو هيٺ اسرائيل سان امن ٺاهه ڪيو ته هن نه رڳو قومي ڪائونسل تان احتجاج طور استعيفا ڏني، پر اوسلو ٺاهه کي هن غلاميءَ کان وڌيڪ بدتر ڄاڻايو. هن ”ڊان“ اخبار ۾ به ڪالم لکيا. ايڊورڊ سعيد اهڙو تاريخدان هو، جيڪو هڪ ئي وقت سنگيت ناٽڪ پيانو وڄائڻ جو ماهر هو، هو آمريڪا جي ساڄي ڌر لاءِ هڪ اهڙي نفرت آميز شخصيت رهيو، جنهن کي ڪجهه نقادن (Terror Professor of) (دهشت جو پروفيسر) جهڙي خطاب سان به نوازيو. ايڊورڊ 9 سيپٽمبر واري واقعي کان هڪ مهينو پوءِ مشهور آمريڪي پروفيسر ۽ نظريي دان سيموئل هنگٽن جي ٿيوري The Clash of Civilization (تهذيبن جو ٽڪراءُ) کي The Clash of Ignorance (جاهليت جي ٽڪراءُ) سان ڀيٽيو، ان واقعي کان پوءِ آمريڪي اخبار The Nation ۾ West v/s East (اولهه باقي دنيا) جي مقابلي ۾ سرد جنگ واري تصوير جي بنياد تي گڏيل ”تهذيبن جي ٽڪراءُ“ واري نظرئي جي هن چڱي نموني ڇنڊڇاڻ ڪئي. ايڊورڊ سعيد 25 سيپٽمبر 2003ع تي ڪينسر وگهي آمريڪا ۾ وفات ڪئي، سندس آخري ڪـتـاب (On Late Style) آهي، جيڪو سندس وفات کانپوءِ 2006ع ۾ ڇپيو.[14]
حوالا
[سنواريو]- ↑ IMDb ID: https://wikidata-externalid-url.toolforge.org/?p=345&url_prefix=https://www.imdb.com/&id=nm0756429 — اخذ شدہ بتاریخ: 16 آڪٽوبر 2015
- ↑ 2.0 2.1 Encyclopædia Britannica Online ID: https://www.britannica.com/biography/Edward-Said — subject named as: Edward Said — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Encyclopædia Britannica
- ↑ SNAC ARK ID: https://snaccooperative.org/ark:/99166/w6fn2dtw — subject named as: Edward Said — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ Find a Grave memorial ID: https://www.findagrave.com/memorial/7982556 — subject named as: Edward Wadie Said — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ Store norske leksikon ID: https://wikidata-externalid-url.toolforge.org/?p=4342&url_prefix=https://snl.no/&id=Edward_Said — subject named as: Edward Said — عنوان : Store norske leksikon
- ↑ Babelio author ID: https://www.babelio.com/auteur/wd/118253 — subject named as: Edward W. Said
- ↑ https://cs.isabart.org/person/137729 — اخذ شدہ بتاریخ: 1 اپريل 2021
- ↑ Munzinger person ID: https://www.munzinger.de/search/go/document.jsp?id=00000023962 — subject named as: Edward Said — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
- ↑ http://www.columbia.edu/cu/news/03/09/edwardSaid_2.html
- ↑ https://commons.wikimedia.org/wiki/File:Edward_Said.jpg
- ↑ اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
- ↑ 13.0 13.1 http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb119232983 — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
- ↑ http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=ايڊورڊ%20سعيد
- مضمون جن ۾ لاطيني ٻولي جو متن شامل آھي
- مضمون جن ۾ نرويجيا بوڪمول ٻولي جو متن شامل آھي
- وڪي ڊيٽا جي مواد جو استعمال ڪرڻ وارو صفحات
- مضمون جن ۾ انگريزي ٻولي جو متن شامل آھي
- 1935ع جون پيدائشون
- 1 نومبر جون پیدائشون
- صفحات مع وڪي ڊيٽا حوالو
- 2003ع جون وفاتون
- 25 سيپٽمبر جون پیدائشون
- ڪم جي ٻولي وڪي ڊيٽا کان ماخذ
- مؤثر شخصيتون وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- Imdb ڳنڍڻو وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- ليکڪ
- فلسطین
- سياست
- شخصيتون
- عالمي لاڳاپا
- پوليٽڪل سائنس
- فلسطيني ڪارڪن